ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون کي عارضي بريڪ: 3000 رپيا لاٿ: ڊالر ۾ تيزي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 3000 رپيا لاٿ سان 307000 مان 303000 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 28 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2893 ڊالرن تي بند ٿيو، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾10 پئسا واڌ سان 281.5 مان 281.6 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ ۽ يورو پڻ 10 پئسا اضافي سان 358.5 مان 358.6 ۽ 295.5 مان 295.6 رپين تي پهچي ويا، هوڏانهن چاندي 3270 رپين تي بيٺل رهي.