ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون کي بريڪ : وڌيڪ 1400 رپيا سستو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1400 رپيا لاٿ سان 340200 مان 338800 رپيا تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 18ڊالرن جي گهٽتائي سان 3218 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 282.15 رپين تي برقرار رهيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ ڊالر 13 پئسا واڌ سان 280.6 رپين تي پهتو ، ٻئي طرف   چاندي 3400، ، پائونڊ363 ۽ يورو 310 رپين تي برقرار رهيا.