ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون کي عارضي بريڪ: 300 رپيا لاٿ : ڊالر 280.25 رپين تي بيٺل، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار۾ سون 300 رپيا لاٿ سان 277000 مان 276700 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2663 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 3050، پائونڊ 272.35 ۽ يورو 310.85 رپين تي بيٺل رهيا.