ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون کي جهٽڪو: 3800 رپيا سستو: ڊالر بي لغام، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 3800 رپيا لاٿ سان 358165 مان 354365 رپين تي پهچي ويو ، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 9 ڊالرن جي گهٽتائي سان 3327 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 58رپين جي واڌ سان 3799 مان 3857 رپيا ٿي وئي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾30 پئسا واڌ سان 285.5 مان 285.8 ۽ انٽر بينڪ ۾10 پئسا لاٿ سان 283.76 رپين تي بند ٿيو ، ٻئي طرف پائونڊ اڍائي رپيا واڌ سان 385.6 مان 388.1 يورو ساڍا 3 رپيا گهٽتائي سان 328.6 مان 332.1 رپيا ٿي ويا.