ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ٻيهر 1400 رپيا مهانگو: ڊالر ۾ 50 پئسا واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1400 رپيا واڌ سان 270500 مان 271900 رپيا في تولو تي پهتو، ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 14 ڊالرن جي اضافي سان 2607 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 3250 رپين تي بيٺل رهي، جڏهن ته ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا واڌ سان 278.9 مان 279.4 ۽ انٽر بينڪ ۾ 8 پئسا گهٽتائي سان 277.85 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف پائونڊ 4.35 رپيا لاٿ سان 359.3 مان 354.95 ۽ يورو 2.65 رپيا گهٽتائي سان 298.15 مان 295.5 رپين تي بند ٿيا