ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)سون وڌيڪ 600 رپيا سستو: ڊالر 220 رپين تي برقرار: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 600 رپيا لاٿ سان 142500 مان 141900 رپيا تولو تي پهتو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون هڪ ڊالر واڌ سان 1788 ڊالر في آئونس ٿي ويو، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 220 رپين تي برقرار رهيو، جڏهن ته انٽر بينڪ ۾ 2 رپيا 11 پئسا لاٿ سان 226.15 مان 224.04 رپيا ٿي ويو ، هوڏانهن پائونڊ 2 رپيا لاٿ سان 272 مان 270 ۽ يورو ڏيڍ رپيو واڌ سان 225 مان 226.5 رپين تي پهتا، ٻئي طرف اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 671 پوائنٽن جي واڌ ٿي، 100 انِڊيڪس وڌي 67087 رپين تي بند ٿي.