ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾لاٿ برقرار: وڌيڪ 1000 رپيا سستو: ڊالر 30 پئسا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 1000 رپيا لاٿ سان 362300 مان 361300 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 16ڊالرن جي گهٽتائي سان 3398 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 11 رپيا واڌ سان 3849 مان 3860 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 30پئسا واڌ سان 285.15 مان 285.45 رپين تي پهتو، جڏهن ته پائونڊ 387.7 ۽ يور 330 رپين تي بيٺل رهيا.