ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ سون جي قيمت وڌي وئي. جڏهن ته ڊالر ڀيٽ ۾ رپئي جي قيمت ۾ به اضافو ٿيو آهي. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 74 هزار 900 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه 1000 رپيا وڌي ويو ۽ ڪالهه هڪ تولي جو اگهه 2 لک 75 هزار 900 رپيا رهيو. 10 گرام سون جو اگهه 858 رپيا وڌي 2 لک 36 هزار 540 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 10 ڊالرن جي واڌ ٿي ۽ في اونس جو اگهه وڌي 2 هزار 647 ڊالر رهيو. چاندي جو اگهه 3 هزار 400 رپيا في تولو رهيو. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ مطابق انٽربينڪ ۾ ڊالر 4 پئسا سهانگو ٿي ويو. ڪالهه ڊالر جي قيمت 278 رپيا 23 پئسا رهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي وڪري جو اگهه 5 پئسا گهٽجي ويو ۽ 279 رپيا 30 پئسا مان گهٽجي 279 رپيا 25 پئسا ۾ وڪرو ڪيو ويو.