ڪراچي(ڪامرس نيوز) عالمي مارڪيٽ سان گڏ ملڪ ۾ به سون جي قيمت ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ به اضافو ٿيو آهي. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 3 لک 3 هزار 200 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه 1000 رپيا وڌي ويو ۽ ڪالهه هڪ تولي جو اگهه 3 لک 4 هزار 200 رپيا رهيو. 10 گرام سون جو اگهه 857 رپيا وڌي 2 لک 60 هزار 802 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 10 ڊالرن جي واڌ ٿي ۽ في اونس جو اگهه وڌي 2 هزار 910 ڊالر رهي. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ مطابق انٽربينڪ ۾ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿي ويو. ڪالهه ڊالر جي قيمت 279 رپيا 36 پئسا رهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي وڪري جو اگهه 10 پئسا واڌ سان 281 رپيا 35 پئسا رهيو.