ڪراچي (ڪامرس نيوز) سون جي مقامي ۽ عالمي مارڪيٽ جي اگهه ۾ اضافو ٿي ويو جڏهن ته انٽربينڪ ۾ ڊالر سهانگو ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ برقرار رهيو. رپورٽن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 5 ڊالر في اونس وڌي وئي ۽ نئين قيمت 2 هزار 708 ڊالر رهي. جڏهن ته ملڪ جي مقامي مارڪيٽن ۾ به سون جي قيمت ۾ 500 رپيا تولو اضافو ٿيو. هڪ ڏينهن اڳ سون جي تولي جي قيمت 2 لک 82 هزار 400 رپيا هئي جيڪا ڪالهه وڌي 2 لک 82 هزار 900 رپيا ٿي وئي. 10 گرام سون جي قيمت ۾ 429 رپين جو اضافو ٿيو ۽ نئين قيمت 2 لک 42 هزار 541 رپيا ٿي وئي. چاندي جي قيمت 9 رپيا تولو گهٽجي وئي ۽ نئين قيمت 3 هزار 372 رپيا ٿي وئي. ٻئي طرف انٽربينڪ ۾ ڊالر سستو ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگو ٿيو. انٽربينڪ ۾ ڊالر 6 پئسا سستو ٿيو ۽ نئين قيمت 278 رپيا 65 پئسن تي بند ٿي، اوپن مارڪيٽ ۾ 281 رپيا 10 پئسا تي برقرار رهيو.