ڪراچي (ڪامرس نيوز) دنيا جي تاريخ م پهريون ڀيرو سون 3 هزار ڊالر في اونس کان وڌي ويو جڏهن ته پاڪستان ۾ به سون جي سڀ کان وڌيڪ قيمت جو نئون رڪارڊ قائم ٿيو آهي. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 3 لک 17 هزار 200 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه 3 هزار 200 رپيا وڌي ويو ۽ ڪالهه هڪ تولي جو اگهه 3 لک 21 هزار رپيا رهيو. 10 گرام سون جو اگهه 2 هزار 743 رپيا وڌي 2 لک 75 هزار 205 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 31 ڊالرن جي واڌ ٿي ۽ في اونس جو اگهه وڌي 3 هزار 52 ڊالر رهيو. چاندي جي قيمت ۾ به وڏو اضافو ٿيو في تولو 105 رپيا مهانگو ٿيو ۽ 3 هزار 580 رپين جو ٿي ويو.