ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ ساڍا 5 هزار رپين کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ نظر آئي. في تولي جي قيمت 5 هزار 650 رپيا وڌي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 8 هزار 350 رپين جو هو جيڪو ڪالهه وڌي 2 لک 14 هزار رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ وري 60 رپيا تولو گهٽتائي ٿي ۽ 2660 رپيا تولو مان گهٽجي 2600 رپيا تولو ٿي وئي.ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون سستو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 17 ڊالر گهٽتائي ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت هڪ هزار 816 ڊالر ٿي وئي.