ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ )سون جي ٻيهر اڏام: 3000 رپيا اضافو، ڊالر 282.5 رپيا ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 3000 رپيا اضافي سان 318000 مان 321000 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 30 ڊالرن جي واڌ سان 3040 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 40 پئسا اضافي سان 282.1 مان 282.5 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف پائونڊ 6 رپيا لاٿ سان 370 مان 364 ۽ يورو ڏيڍ رپيو گهٽتائي سان313.5 مان 312 رپين تي بند ٿيا، جڏهن ته چاندي 50 رپيا واڌسان 3110 مان 3150 رپين تي پهتي.