ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون جي ٻيهر اڏام: 2700 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ اي آر واءِ گولڊ جو چوڻ هو ته سون 2700 رپيا اضافي سان 345800 مان 348500 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 17 رپيا واڌ سان 3427 مان 3444 رپيا في تولو ٿي وئي، هوڏانهن  ڊالر 282.9 ، پائونڊ 380.1 ۽ يورو 321.8 رپين تي برقرار رهيا.