ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون  جي ٻيهر اڏام: تولي تي 1300 رپيا اضافو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1300 رپيا واڌ سان 317300 مان 318600 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 10 ڊالرن جي اضافي سان 2027 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن پائونڊ ڏيڍ رپيو لاٿ سان367 مان 365.5 ۽ يورو اڍائي رپيا گهٽتائي سان 380.5 مان 306 رپين تي پهتا، ٻئي طرف ڊالر 282.1 ۽ چاندي 3450 رپين تي بيٺل رهيا.