ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ سون جي وڌندڙ قيمتن کي اوچتي بريڪ لڳي وئي، ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 87 هزار 200 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه 2500 رپيا گهٽجي ويو ۽ ڪالهه هڪ تولي جو اگهه 2 لک 84 هزار 700 رپيا رهيو. 10 گرام سون جو اگهه 2 هزار 144 رپيا گهٽجي 2 لک 44 هزار 84 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 25 ڊالرن جي گهٽتائي ٿي ۽ في اونس جو اگهه گهٽجي 2 هزار 752 ڊالر ٿي ويو. چاندي جي اگهه ۾ 20 رپيا گهٽتائي ٿي ۽ ڪالهه چاندي جو تولو 3 هزار 430 رپين جو ۽ 10 گرام 17.14 رپيا گهٽتائي سان 2 هزار 940 رپين جو ٿي ويو.