ڪراچي (ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو وري وڏي واڌ ٿي آهي ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اگهه جو نئون رڪارڊ جڙي ويو آهي. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 3 لک 49 هزار 900 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه 8 هزار 100 رپيا وڌي ويو ۽ ڪالهه هڪ تولي جو اگهه 3 لک 57 هزار 800 رپيا ٿي ويو جيڪو هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اگهه وڌڻ جو رڪارڊ آهي جڏهن ته هي نئين سڀ کان وڌيڪ رقم آهي. 10 گرام سون جو اگهه 6944 رپيا وڌي 3 لک 6 هزار 755 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 69 ڊالرن جي واڌ ٿي ۽ في اونس جو اگهه وڌي 3 هزار 395 ڊالر ٿي ويو. اهڙي ريت چاندي جي قيمت 24 رپيا اضافي سان 3 هزار 441 رپيا ٿي وئي. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ مطابق انٽربينڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿيو ۽ 15 پئسا واڌ ٿي وئي. ڪالهه انٽربينڪ ۾ ڊالر جي 280 رپيا 86 پئسا رهي. اوپن مارڪيٽ ۾  جيڪا گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي 278 رپيا 50 پئسا هئي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي وڪري جو اگهه 15 پئسا وڌي ويو ۽ 282 رپيا 25 پئسا مان وڌي 282 رپيا 40 پئسا ٿي ويو.