ڪراچي (ڪامرس نيوز) عالمي مارڪيٽ ۽ ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. سون 2200 رپيا تولو مهانگو ٿي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 5 پئسا ۽ انٽربينڪ ۾ 24 پئسا سهانگو ٿي ويو. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 3 لک 4 هزاررپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه 2 هزار 200 رپيا وڌي ويو ۽ ڪالهه هڪ تولي جو اگهه 3 لک 6 هزار200 رپيا ٿي ويو. 10 گرام سون جو اگهه 1886 رپيا وڌي 2 لک 62 هزار 517 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 20 ڊالرن جي واڌ ٿي ۽ في اونس جو اگهه وڌي 2 هزار 933 ڊالر رهي. ساڳي ريت چاندي جي قيمت ۾ به 83 رپين جو اضافو ٿيو ۽ نئين قيمت 3 هزار 450 رپيا في تولو ٿي وئي. انٽربينڪ ۾ ڊالر 24 پئسو سهانگو ٿي ويو ۽ نئين قيمت 279 رپيا 2 پئسا ٿي وئي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 281 رپيا 30 پئسن مان گهٽجي 281 رپيا 25 پئسا ٿي وئي.