ڪراچي(ڪامرس نيوز) عالمي مارڪيٽ ۽ ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اضافي جو سلسلو جاري آهي. سون اڍائي هزار رپيا تولو مهانگو ٿي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 24 پئسا ۽ انٽربينڪ ۾ هڪ پئسو مهانگو ٿي ويو. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 3 لک هڪ هزار 500 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه 2 هزار 500 رپيا وڌي ويو ۽ ڪالهه هڪ تولي جو اگهه 3 لک 4 هزاررپيا ٿي ويو. 10 گرام سون جو اگهه 2144 رپيا وڌي 2 لک 60 هزار 631 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 25 ڊالرن جي واڌ ٿي ۽ في اونس جو اگهه وڌي 2 هزار 913 ڊالر رهي. ساڳي ريت چاندي جي قيمت ۾ به 55 رپين جو اضافو ٿيو ۽ نئين قيمت 3 هزار 367 رپيا في تولو ٿي وئي. انٽربينڪ ۾ ڊالر هڪ پئسو مهانگو ٿي ويو ۽ نئين قيمت 279 رپيا 26 پئسا ٿي وئي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 281 رپيا 6 پئسن مان وڌي 281 رپيا 30 پئسا ٿي وئي.