ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون جي تاريخي اڏام: تولو 363700 رپين جي بلند سطح تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 5900 رپين جي اضافي سان 357800 مان 363700 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 3500 ڊالر في آئونس تي پهتو، واضح رهي ته هلندڙ سال دوران سون جي اگهه ۾ 91100 رپيا واڌ ٿي آهي، 30ڊسمبر 2024ع تي سون جو اگهه 272600 رپيا تولو هو، جنهن ۾ 33 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، ٻئي طرف چاندي 11 رپيا واڌ سان 3441 مان 3452 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾282.4، پائونڊ 378.5 ۽ يورو 325.5 رپين تي بيٺل رهيا، جڏهن ته ڊالر انٽر بينڪ ۾10 پئسا لاٿ سان 280.77 رپين تي بند ٿيو.