ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون جي تاريخي اڏام: تولو 348000 رپين تي پهتو: ڊالر 5 پئسا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 8600 رپيا واڌ سان 339400 مان 348000 رپين تي پهتو، جڏهن ته سون جو عالمي اگهه 46 ڊالرن جي اضافي  سان 3310 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف چاندي 30 رپيا واڌ سان 3360 مان 3390 رپيا ٿي وئي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 5 پئسا واڌ سان282.1 مان 282.15 رپين تي پهچي ويو، جڏهن ته پائونڊ ساڍا 11 رپيا واڌ سان 363 مان 374.5 ۽ يورو 11 رپيا اضافي سان 310 مان 321 رپين تي بند ٿيا.