ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري وڏي گهٽتائي ٿي آهي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي نظر آئي. في تولي جي قيمت 1400 رپيا گهٽجي وئي. هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 41 هزار 700 رپين جو هو جيڪو ڪالهه گهٽجي 2 لک 40 هزار 300 رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 1200 رپيا گهٽجي وئي ۽ نئين قيمت 2 لک 6 هزار 19 رپيا رهي. ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ به سون سستو ٿيو. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 16 ڊالر گهٽتائي ٿي وئي. سون جي نئين عالمي قيمت 2 هزار 306 ڊالر في اونس ٿي وئي.