ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون جي اڏام: 323380 رپيا تولو ٿي ويو: ڊالر سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2380 رپيا واڌ سان 321000 مان 323380 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 22 ڊالرن جي اضافي سان 3074 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 10 پئسا لاٿ سان 282 مان 281.9 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف پائونڊ 7 رپيا واڌ سان 358.25 مان 365.25 ۽ يورو 25 پئسا واڌ سنا 304 مان 304.25 رپين تي پهچي ويا.