ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)سون جي اڏام: 260700 رپيا تولو ٿي ويو: ڊالر سستو: ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 700 رپيا واڌ سان 260000 مان 260700 رپيا في تولو ٿي ويو
جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 10 ڊالرن جي اضافي سان 2512 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 10 پئسا لاٿ سان 280.3 مان 280.2 ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 10 پئسا گهٽتائي سان 278.34 رپين تي پهتو
هوڏانهن چاندي 2950، پائونڊ 362.3 ۽ يورو 308.6 رپين تي بيٺل رهيا
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي: 84 پوائنٽن جي گهٽتائي
ڪراچي( ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻئي ڏينهن به ٻاڙائي: 100 انڊيڪس 84 پوائنٽن جي لاٿ سان 77745 پوائنٽن تي پهتي ، جڏهن ته 469 پوا ئنٽن تي بينڊ پڻ ٿي، ڪالهه سوا 11 ارب جا 38 ڪروڙ شيئر وڪرو ٿيا، ٻئي طرف مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 2 ارب جي اضافي سان 10342 اربن تي پهچي وئي