ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون جي اڏام: ٻيهر ساڍا 3 لک رپيا تولو ٿي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 8900 رپيا اضافي سان 341100 مان 350000 رپيا تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 86 ڊالرن جي اضافي سان 3316 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾5 پئسا واڌ سان 282.85 مان 282.9 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 3370، پائونڊ 377.9 ۽ يورو321.8 رپين تي بيٺل رهيا.