ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون جي اڏام: تولو 3100 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 3100 رپيا واڌ سان 351000 مان 354100 رپيا في تولو تي پهتو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 31 ڊالرن جي واڌ سان 3357 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 20 رپيا اضافي سان 3530 مان 3550 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته ڊالر 284.15، پائونڊ 38315 ۽ يورو 322.65 رپين تي برقرار رهيا.