ڪراچي (ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ هڪ ڏينهن جي لاٿ بعد هڪڀيرو وري واڌ ٿي وئي. انٽر بينڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو. صرافا مارڪيٽن ۾ سون جي اگهه ۾ ڪالهه 1100 رپيا تولي جي واڌ ٿي. سون جو تولو هڪ ڏينهن اڳ 2 لک 71 هزار 900 رپين جو هو جيڪو ڪالهه وڌي 2 لک 73 هزار رپيا ٿي ويو. 10 گرام سون جي قيمت 943 رپين جي اضافي سان 2 لک 34 هزار 53 رپيا ٿي وئي. جڏهن ته چاندي جي تولي جو اگهه 2 هزار 950 رپيا برقرار رهيو. ڪالهه عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 11 ڊالر في اونس واڌ ٿي جنهن سان نئين عالمي قيمت 2 هزار 617 ڊالر مان وڌي 2 هزار 628 ڊالر في اونس ٿي وئي. ٻئي طرف ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڊالر سستو ٿيو. انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت 7 پئسا گهٽجي وئي ۽ نئين قيمت 277 رپيا 87 پئسا مان گهٽجي 277 رپيا 80 پئسا ٿي وئي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي نه آئي ۽ 280 ريپا 70 پئسا برقررار رهي، برطانوي پائونڊ هڪ رپيو 80 پئسا سستو ٿي 371 رپيا 90 پئسا مان گهٽجي 370 رپيا 10 پئسن جو ٿي ويو، ڪينيڊين ڊالر 50 پئسا مهانگو ٿي 209 رپين مان 209 رپيا 50 پئسن جو ٿي ويو. يورو 85 پئسا مهانگو ٿي 310 رپيا 75 پئسا مان وڌي 311 رپيا 60 پئسن جو ٿي ويو. سعودي ريال 74 رپيا 40 پئسا ۽ اماراتي درهم 76 رپيا 20 پئسن تي برقرار رهيو. بحرين جو دينار هڪ رپيو 90 پئسا سستو ٿي 742 رپيا 20 پئسا مان گهٽجي 740 رپيا 30 پئسن جو ٿي ويو، ڪويتي دينار 910 رپيا 15 پئسا، اوماني ريال 727 رپيا ۽ قطري ريال 77 رپيا 14 پئسا ۾ ئي وڪرو ڪيو ويو.