انساني تهذيب جي ارتقا جي تاريخ ۾ ڪي اهڙا عنصر آهن، جن نه صرف انسان جي جمالياتي حِس، پر سندس سماجي، سياسي ۽ معاشي شعور تي به گهرا اثر ڇڏيا آهن. انهن مان هڪ اهم عنصر “سون” آهي. هڪ ڌاتو، جيڪو پنهنجي چمڪ، نايابي، پائيداري ۽ ڪشش ڪري هزارين ورهين کان انسان ڌيان جو مرڪز رهيو آهي. قديم تهذيبن جهڙوڪ مصر، ميسوپوٽيميا، چين، هندستان ۽ يونان ۾ سون نه رڳو زيور يا شاهوڪار طبقي جي حيثيت جي علامت رهيو، پر ان جو استعمال مذهبي رسمن، حڪمراني جي نشانين ۽ واپاري نظامن ۾ به ٿيندو رهيو.
سون جي تاريخ رڳو ثقافتي نه، پر سياسي ۽ فوجي به رهي آهي. فاتحن جي نگاھ جو مرڪز، سلطنتن جي خزاني جو بنياد، ۽ جنگين جو محرڪ پڻ رھيو آھي. اسپين جا آمريڪا تي حملا، انگلينڊ جو سامراجي وسعت جو خواب، يا آفريڪا جي تهذيبي وسيلن جي لٽ، انهن سڀني جي پويان سون جي طاقت ۽ لالچ موجود رهي. اقتصادي لحاظ سان سون هميشه مالياتي استحڪام جو علامتي مرڪز رهيو آهي. “گولڊ اسٽينڊرڊ” کان وٺي موجوده غيرمستحڪم مالي دنيا تائين، سون هڪ اهڙي مالياتي اوزار جي حيثيت ماڻي آهي، جنهن تي وقت جي آزمائش به ڪا ڇاپ نه ڇڏي سگهي آهي.
اڄ جي گلوبل دنيا ۾ جڏهن ڊجيٽل ڪرنسين، اسٽاڪ مارڪيٽن ۽ مرڪزي بئنڪن جي پاليسين ذريعي معاشي مستقبل جو تعين ڪيو وڃي ٿو، تڏهن به سون پنهنجي “مالياتي انشورنس” واري حيثيت برقرار رکيو آهي. تاريخي تجربن، مارڪيٽ جي رجحانن، سياسي ڇڪتاڻن، ۽ انساني نفسياتي بنياد تي ائين چئي سگهجي ٿو ته سون رڳو ڌاتو ناهي، پر انساني تهذيب جو سماجي ۽ مالي شعور پڻ آهي. سون هميشه تهذيبي تاريخ ۾ هڪ قيمتي، با اعتماد، ۽ اثرائتو ڌاتو رهيو آهي. انساني واپار، فتحون، ۽ سلطنتن جي عروج ۾ به سون بنيادي ڪردار ادا ڪيو. جديد دور ۾ به سون مالي نظامن جو اهم حصو رهيو. اولهه آفريڪا جي گهانا ۽ سوننڪي سلطنتن صحارا پار واپار ذريعي سون جي عالمي فراهميءَ ۾ اهم حصو وڌو. انگلينڊ 1821ع ۾ پهريون ملڪ هو، جنهن “گولڊ اسٽينڊرڊ” اختيار ڪيو، يعني ڪرنسي جي قيمت سون سان ڳنڍيل هئي. ان واپاري نظام، سيڙپڪاري ۽ ادائگين ۾ اعتماد پيدا ڪيو. 1880ع کان 1914ع تائين سون بين الاقوامي واپاري نظام جو بنياد رهيو، خاص طور برطانيا لاءِ، جنهن پنهنجي سامراجي پاليسين لاءِ سون کي اوزار بڻايو. پر 1930ع جي وڏي مالي بحران دوران، گولڊ اسٽينڊرڊ نظام ڪيترن ملڪن لاءِ اقتصادي ڏکيائين جو سبب بڻيو. نتيجي طور، 1944ع جي بريٽن ووڊس معاهدي تحت نئون نظام آندو ويو، جنهن ۾ آمريڪي ڊالر کي سون سان ڳنڍي عالمي ڪرنسي بڻايو ويو. 1971ع ۾ ڊالر کي به سون کان ڌار ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ سون ادائگيءَ جي اوزار طور ته ختم ٿيو، پر محفوظ سرمائي طور ان جي اهميت برقرار رهي.
سون جي قيمت تاريخي طور مهانگائي، ڪرنسي جي قدر، سياسي ڇڪتاڻ، ۽ مالي بحرانن سان لاڳاپيل رهي آهي. 1971ع کان پوءِ، جڏهن آمريڪا ڊالر کي سون سان ڳنڍڻ ختم ڪيو، سون جي قيمت جو دارومدار مارڪيٽ جي طلب ۽ رسد تي ٿي ويو. اڻويهين صدي جي آخر کان وٺي، جڏهن به سياسي يا مالي غيريقيني وڌي آهي، سيڙپڪار سون کي محفوظ سيڙپڪاري سمجھيو آهي. سون، خاص طور فيزڪل شڪل ۾، ڊگهي مدي واري تحفظ جو ذريعو آهي. ڊگلس فرينچ انکي “سخت پئسو” سڏي ٿو، جيڪو سيڙپڪاريءَ لاءِ وسعت پيدا ڪري ٿو.
مرڪزي بئنڪن جون پاليسيون، وياج جي شرح، ڊالر جي قيمت ۽ عالمي سياسي حالتون سون جي قيمت تي سڌو اثر وجهن ٿيون. جڏهن اهي عنصر غير مستحڪم ٿين ٿا، ته سون جي قيمت وڌڻ لڳي ٿي. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ سون جي قيمت تقريبن 35 ڊالر في اونس (28.35 گرام) هئي، جيڪا بريٽن ووڊس نظام تحت طئي ٿيل هئي. 1971ع کانپوءِ، سون جي قيمت آزاد مارڪيٽ تي مدار رکڻ لڳي. 1980ع ۾ ايران انقلاب، سوويت يونين جو افغانستان تي حملو، ۽ آمريڪا ۾ مهانگائي سبب قيمت رڪارڊ سطح، 850 ڊالر في اونس تي پهتي. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ سون جي قيمت نسبتاً مستحڪم رهي. 2000ع کان پوءِ چين ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ طلب، 2008ع جو عالمي مالي بحران، ۽ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي سبب سون جي قيمت ٻيهر تيزي سان وڌڻ لڳي ۽ 2011ع ۾ لڳ ڀڳ 1900 ڊالر في اونس تي پھتي. بعد ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي، پر ڪووڊ-19 وبا دوران، 2020ع ۾ سون جي قيمت تاريخي سطح تي، 2074 ڊالر في اونس ٿي وئي.
ايندڙ دؤر ۾، اگر عالمي مالياتي بيچيني جاري رهي ته سون جي قيمت تمام گهڻي وڌي ويندي (جيمز رڪارڊس). امڪان آهن ته مستقبل ۾ مھانگائيءَ جي واڌ، يا عالمي ڇڪتاڻ ۽ ڊالر تي دارومدار گھٽجڻ سبب سون جي طلب وڌڻ ڪري سون $3000-$4000 في اونس کان به مھانگو ٿي وڃي. سون جي قيمت رسد ۽ طلب کانسواءِ عالمي سياست، ماحولياتي قانونن، ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪارن جي نفسيات تي به ڀاڙي ٿي. (مئٿيو هارٽ)
انساني نفسيات ۾ به سون کي غيرمعمولي حيثيت حاصل آهي. خاص طور جڏهن ماڻهو حڪومتن جي پاليسين، مهانگائي، يا سياسي ڇڪتاڻ کان پريشان ٿين ٿا ته سون کي محفوظ وسيلو سمجهيو وڃي ٿو، جنگ، مالي بحران يا مھانگائيءَ جي خطرن سبب سون جي طلب وڌي ٿي، جيڪا انساني اميد ۽ خوف جي وچ واري صورتحال کي ظاهر ڪري ٿي.
اڄ جي غير يقيني دور ۾، جڏهن ڪرنسين جي قدر مرڪزي بئنڪن جي پاليسين سان ڳنڍيل آهي، سون هڪ غير جانبدار مالي اوزار طور ٻيهر نمايان ٿي رهيو آهي. چين، روس، ۽ آمريڪا جي مالي پاليسين جي ڇڪتاڻ، خاص طور ڊجيٽل ڪرنسي يا بينڪنگ بحرانن سبب سون عالمي مالياتي نظام ۾ اهم مقام حاصل ڪري رهيو آهي. سون اڄ به محفوظ، عالمي سطح تي تسليم ٿيل، ۽ غير سياسي سيڙپڪاري جو وسيلو سمجهيو وڃي ٿو. بحرانن ۾ سون انشورنس پاليسي وانگر تحفظ فراهم ڪري ٿو. جديد دؤر ۾ سون جو استعمال رڳو مالي مقصدن تائين محدود نه رهيو آهي. هاڻي ان جو استعمال اليڪٽرانڪس، ميڊيڪل ڊوائيسز، خلائي ٽيڪنالاجي ۽ ڏندن جي علاج ۾ پڻ وڌي ويو آهي. ورلڊ گولڊ ڪائونسل جي انگن اکرن موجب، ھينئر تائين دنيا مان تقريبن 2 لک 10 هزار ميٽرڪ ٽن سون نڪتل آهي، جنهن مان 47 سيڪڙو زيورن، 22 سيڪڙو سيڙپڪاري، 17 سيڪڙو مرڪزي بئنڪن، 8 سيڪڙو صنعتي مقصدن (اليڪٽرانڪس ۽ ڏندن جي علاج ۾)، ۽ باقي 6 سيڪڙو ٻين مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
سون جي پيداوار جي ڊوڙ ۾ چين، روس، آسٽريليا، ڪئناڊا ۽ آمريڪا اڳتي آهن، جڏهن ته مرڪزي بئنڪن وٽ موجود ذخيري ۾ آمريڪا سڀ کان اڳيان آهي، جنهن وٽ 8,133 ٽن سون موجود آهي. ان جي پويان جرمني، اٽلي، فرانس، روس ۽ چين آهن، جڏهن ته ڀارت به 801 ٽن سان هن لسٽ ۾ شامل آهي. سون جي قدرتي ذخيري ۾ آسٽريليا، روس ۽ آمريڪا اڃا به ڀرپور امڪان رکن ٿا، جتي هزارين ٽن ذخيرا موجود آهن. دنيا ۾ نوان ذخيرا مالي، برڪينا فاسو، گھانا، آمريڪي رياست نوادا، ۽ آمازون جي غيرقانوني کاڻين ۾ ملي رهيا آهن. هي ذخيرا قدرتي وسيلن جي عالمي سياست جو نئون مرڪز بڻجي رهيا آهن، جتي طاقت، قانون ۽ منافعو هڪ ٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آهن.
جيڪڏهن پاڪستان جي ڳالهه ڪجي ته، ملڪ وٽ تقريبن 64 ميٽرڪ ٽن سون موجود آهي، جيڪو اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن جو حصو آهي. پر اصل خزانو بلوچستان جي ريڪوڊڪ علائقي ۾ آهي، جتي 5.9 بلين ٽن معدني ذخيرن ۾ ٽامو ۽ سون گڏيل صورت ۾ موجود آهن، ۽ سون جي مقدار لکين ٽنن تائين وڃي سگهي ٿي. ان کان علاوه، چترال، گلگت بلتستان، سوات ۽ سنڌو ندي مان به ننڍڙي پيماني تي سون ملي ٿو.
سون ڳولھا جي تاريخ صرف دولت، خوشحالي ۽ ترقيءَ سان نه پر تاريڪ پاسن سان به ڀريل آهي. سون ڳولا دوران مقامي ماڻهن سان غير انساني سلوڪ، غلامي، ۽ ماحولياتي تباهيءَ جا واقعا عام آهن. خاص طور لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا جي ڪيترن علائقن ۾ سون جي کوٽائيءَ لاءِ مقامي زمينون زبردستي ورتيون ويون، مقامي قبيلن کي بي دخل ڪيو ويو، ۽ انهن کي جبري مزدوريءَ لاءِ مجبور ڪيو ويو. جديد دور ۾ به غير قانوني سون جي کوٽائيءَ سبب آمازون جهڙن جهنگلي علائقن ۾ زهريلي مادن جهڙوڪ پاري جي گھڻي استعمال سبب پاڻي، مڇي ۽ انساني صحت سخت متاثر ٿين ٿا (ھيومن رائيٽس واچ). سون جي غير شفاف واپار عالمي سطح تي ڪرپشن، اسمگلنگ، ۽ هٿيارن جي وڪري کي به هٿي ڏني آهي. سون جي چمڪ پٺيان هڪ تاريڪ دنيا لڪل آهي، جيڪا انساني حقن جي لتاڙ، ماحولياتي تباهي، ۽ غير اخلاقي واپار تي ٻڌل آهي.
سون جي تاريخي سفر مان هڪ ڳالھه واضح آهي ته اهو رڳو ڌاتو نه رهيو آهي، پر انسان جي عالمي سوچ، واپاري لاڳاپن، سامراجي پاليسين، مالي نظامن، ۽ نفسياتي رجحانن جو اڻٽر حصو رهيو آهي. قديم تهذيبن جي بادشاهن کان وٺي جديد سيڙپڪارن تائين، سون اهڙي اعتماد جي علامت رهيو آهي، جيڪو وقت جي ناڪامين، ڪرنسي جي بي قدرين، ۽ سياسي ڇڪتاڻن باوجود قائم رهي ٿو. گولڊ اسٽينڊرڊ دور کان وٺي، سون ڊالر جي مقابلي ۾ پنهنجي پوزيشن وقت بوقت تبديل ڪئي، پر بحرانن ۾ ان جي اهميت هميشه ٻيهر اڀري آئي. 2008ع جي عالمي بحران هجي يا 2020ع جي وبا، سون سيڙپڪارن جو ڀروسو بڻيو. ان جي قيمت جو لاڳاپو صرف طلب ۽ رسد سان ناهي، پر انساني خوف، اميد، ۽ مستقبل جي غير يقيني صورتحال سان به ڳنڍيل آهي.
اڄ، جڏهن مالي نظام ڊجيٽلائيزيشن، بلاڪ چين، ۽ ڪرپٽو ڪرنسي جي طرف وڌي رهيو آهي، تڏهن به سون جي موجودگي، نايابي، ۽ تاريخي اعتبار ان کي انوکو مقام ڏئي ٿو. مرڪزي بئنڪون پنهنجا سون جا ذخيرا وڌائي رهيون آهن. عالمي سياست جي ڇڪتاڻ، خاص طور چين، روس، ۽ آمريڪا جي وچ ۾، سون جي اهميت کي ٻيهر مرڪزيت ڏني آهي. ايندڙ دؤر ۾، جڏهن عالمي معيشت هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيڻ واري آهي، جتي ڊجيٽل ڪرنسي، ڊالر جي اجاراداري، ۽ مالياتي بحران جا خطرا موجود آهن، سون هڪ اهڙي سرمائي سيڙپ طور موجود رهندو، جيڪو تاريخي تجربي، نفسياتي تحفظ، ۽ مارڪيٽ جي استحڪام جو ضامن آهي.
آخر ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته سون صرف پئسي جي علامت ناهي، پر اهو انساني تهذيب، بقاءَ، ۽ اعتماد جو اهڙو نمونو آهي، جيڪو وقت جي گردش ۾ به نٿو ٿڪجي. سون جو مستقبل به ان جي تاريخ جيان مضبوط، تابناڪ، ۽ غير يقيني حالتن ۾ يقيني لڳي ٿو.