سون جي اگهه ۾ 400 رپيا واڌ، چاندي وري سستي ٿي وئي

0
106
سون سستو، ڊالر مهانگو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي
سون سستو، ڊالر مهانگو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي

ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ 400 رپيا تولو واڌ ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ نظر آئي. في تولي جي قيمت 400 رپيا وڌي وئي

هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 18 هزار 600 رپين جو هو جيڪو ڪالهه وڌي 2 لک 19 هزار رپين جو ٿي ويو. جڏهن ته چاندي جي قيمت 20 رپيا تولو گهٽجي وئي ۽ 2 هزار 810 رپين مان گهٽجي 2 هزار 790 رپيا تولو رهي