ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو وري رڪارڊ اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ قيمت ٿي وئي. جڏهن ته ڊالر جي قيمت ۾ به اضافو ٿيو. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 3 لک 9 هزار 300 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه4 هزار 700 رپيا وڌي ويو. هڪ تولي جو اگهه 3 لک 14 هزار رپيا ٿي ويو. 10 گرام سون جو اگهه 4 هزار 30 رپيا وڌي 2 لک 69 هزار 204 رپيا ٿي ويو. سون جي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس قيمت ۾ 46 ڊالرن جي واڌ ٿي ۽ في اونس جو اگهه وڌي 2 هزار 988 ڊالر ٿي ويو. ساڳي ريت ملڪ ۾ چاندي جي قيمت ۾ 90 رپيا تولو اضافو ٿيو ۽ نئين قيمت 3 هزار 530 رپيا ٿي وئي. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ مطابق انٽربينڪ ۾ ڊالر 16 پئسا مهانگو ٿي ويو. ڪالهه ڊالر جي قيمت 280 رپيا 21 پئسا رهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي وڪري جو اگهه 25 پئسا وڌي ويو ۽ قيمت 281 رپيا 75 پئسا مان وڌي 282 رپيا رهي.