ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره سونيا حسين پنهنجي پروڊڪشن ڊيبيو ۾ عالمي سطح تي وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، سندس فلم “ببلي/بابر” کي ڪانز ورلڊ فلم فيسٽيول لاءِ منتخب ڪيو ويو آهي، جنهن کي هزارين بين الاقوامي انٽريز مان چونڊيو ويو، ببلي/بابر کي ڪامران فائق ڊائريڪٽ ڪيو ۽ قرب عباس لکيو آهي، جڏهن ته پروڊيوسرز رمشا امجد ۽ عبدالله ڪامران آهن، فلم ۾ نوان چهرا جهڙوڪ حسنين رانا، تنوير سيد، ذيشان حيدر، فهد هاشمي، عثمان چوڌري، رضيه ملڪ ۽ امتثال حسين شامل آهن، سونيا حسين پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ذريعي مداحن کي ان وڏي ڪاميابيءَ جو اطلاع ڏنو، هن چيو ته “اهو منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جو لمحو آهي، ته منهنجي پهرين پروڊيوس ڪيل فلم کي ڪانز جهڙي باوقار فيسٽيول ۾ جڳهه ملي آهي، اها نه رڳو اسان جي ٽيم جي لاءِ پر پاڪستاني سينيما جي لاءِ به هڪ وڏي ڪاميابي آهي. سونيا ان ڪاميابي جو سهرو فلم جي ڊائريڪٽر ڪامران فائق ۽ پنهنجي ٽيم جي ٻين ميمبرن کي ڏنو، هن لکيو ته اها ڪاميابي اسان جي ڊائريڪٽر ڪامران فائق جي غير معمولي محنت ۽ ويزن جي سبب ملي آهي، ان سان گڏوگڏ پروڊيوسرز رمشا امجد ۽ عبدالله ڪامران جي مهرباني جن هن پروجيڪٽ ۾ پنهنجي جان وجهي ڇڏي.