نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارتي ليجنڊري گلوڪار سونو نگم جو دهلي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ۾ سالياني فيسٽيول ”اين جي فيسٽ 2025“ ۾ ٿيندڙ ڪنسرٽ بدنظمي جو شڪار ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، آچر رات ٿيل فيسٽيول دوران ڪجهه شرڪت ڪندڙن اسٽيج ڏانهن پٿراءُ ۽ بوتلون اڇلائڻ شروع ڪري ڇڏيون، جنهن سبب سونو نگم کي پنهنجي پرفارمنس روڪڻي پئي. تقريب ۾ هڪ لک کان وڌيڪ شاگرد شريڪ هئا، ڪجهه ماڻهن جي هنگامي سبب گلوڪار جي ٽيم جا ڪيئي ميمبر زخمي به ٿيا. سونو نگم شرڪت ڪندڙن کي امن قائم رکڻ جي اپيل ڪندي چيو”مان هتي توهان لاءِ آيو آهيان ته جيئن گڏجي سٺو وقت گذاري سگهون، مان اهو نه ٿو چوان ته توهان انجواءِ نه ڪريو، پر مهرباني ڪري ائين نه ڪيو.“
ان دوران ڪنهن اسٽيج تي هڪ گلابي رنگ جو بني بينڊ اڇلايو، جنهن کي سونو نگم پائي ورتو، جنهن کانپوءِ شرڪت ڪندڙ ”پوڪي پوڪي“ جا نعرا هڻڻ لڳا. هڪ شاگردياڻي مايوسيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ” اِها انتهائي شرم جوڳي صورتحال آهي ڪجهه بدتميز شاگردن جي ڪري هڪ ليجنڊ کي پنهنجي پرفارمنس روڪڻي پئي ۽ شاگردن کي صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ جي درخواست ڪرڻي پيئي.“ هڪ ٻئي شاگرد سونو نگم جي صبر جي ساراهه ڪندي چيو ته ” اهڙي موقعي تي به هو پُرسڪون ۽ ماٺ رهيو، هڪ دفعو به ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو.“ واضح رهي ته صورتحال تي ظابطو آڻڻ کانپوءِ سونو نگم پنهنجي واعدي موجب ٻيهر ڪنسرٽ شروع ڪيو، جڏهن ته هو اڳ به اهڙن واقعن کي منهن ڏئي چڪو آهي، گذريل مهيني ڪولڪتا ۾ هڪ ڪنسرٽ دوران به هجوم آپي مان نڪري ويو هو.