شنگهائي(انٽريسٽنگ نيوز) گھڻن ماڻهن لاءِ اهو يقين ڪرڻ ناممڪن هوندو ته سون جا زيور هاڻي اي ٽي ايم مشين ذريعي وڪرو ڪري سگهجن ٿا. چين جي شهر شنگھائي ۾ هڪ مال، ناقابل تصور کي حقيقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ اي ٽي ايم مشين متعارف ڪرائي آهي جيڪا گراهڪن کي بغير ڪنهن ڪاغذ جي صرف 30 منٽن ۾ پنهنجا سون جا زيور وڪڻڻ ۽ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي، هي سمارٽ گولڊ اي ٽي ايم مشين چين جي ڪنگ هوڊ گروپ پاران سون جي شين جو چڱي طرح تجزيو ڪرڻ، انهن کي ڳارڻ، انهن جي مناسب قيمت جو تعين ڪرڻ، ۽ پوءِ پئسا سڌو سنئون سون وڪرو ڪندڙ جي بينڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي، هي مشين 3 گرام کان وڌيڪ وزني ۽ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو خالص سون تي مشتمل شيون قبول ڪري ٿي. هن مشين شنگھائي ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد کي پنهنجي طرف متوجه ڪيو آهي. مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت وڌڻ کان پوءِ ڪيترائي صارف هن اي ٽي ايم مشين ذريعي پنهنجا سون جا زيور وڪڻڻ جا منتظر آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن گولڊ اي ٽي ايم مشين کي استعمال ڪرڻ لاءِ سڀئي اپائنٽمينٽس مئي تائين بُڪ ٿي چڪيون آهن، جيڪو واضح طور تي ان جي وڏي طلب کي ظاهر ڪري ٿو.