ڪراچي (ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ سون، ڊالر ۽ ٻين ڪرنسين جا اگهه برقرار رهيا. ملڪ جي سونارا مارڪيٽ ۾ هڪ ڏينهن اڳ سون جو تولو 2 لک 77 هزار 800 رپين جو هو جيڪو اگهه ڪالهه به برقرار رهيو. چاندي جي اگهن ۾ به ڪا تبديلي نه آئي. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت برقرار رهي جيڪا هڪ ڏينهن اڳ واري 279 رپيا 15 پئسا هئي. جڏهن ته برطانوي پائونڊ 10 پئسا مهانگو ٿيو ۽ قيمت 354 رپيا 70 پئسا مان وڌي 354 رپيا 80 پئسا ٿي وئي. ڪيناڊين ڊالر جي قيمت 200 رپيا، چيني يئان جي قيمت 38 رپيا 39 پئسا، جاپاني ين جي هڪ رپيو 90 پئسا، يورو جي 292 رپيا 60 پئسا، سعودي ريال جي 74 رپيا 25 پئسا، امارتي درهم جي 76 رپيا، ملائيشين رنگٽ جي 62 رپيا 35 پئسا ۽ ڀارتي رپئي جي 3 رپيا 27 پئسا برقرار رهي. بحرين جي دينار جي وڪري جي قيمت 742 رپيا 65 پئسا، ڪويتي دينار جي 906 رپيا 36 پئسا، اوماني ريال جي 727 رپيا 54 پئسا ۽ قطري ريال جي 76 پرا 40 پئسا رهي.