سومر تي سُپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين: مولانا فضل الرحمان

0
172
سومر تي سُپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين
سومر تي سُپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين: مولانا فضل الرحمان

پي ڊي ايم سُپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي ۽ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ اتحادي اڳوان سان گڏ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو آهي ته سُپريم ڪورٽ جي رويي خلاف احتجاج جو فيصلو ڪيو اٿئون

سومر تي سموري قوم اسلام آباد ۾ گڏ ٿئي، سُپريم ڪورٽ آڏو زبردست ڌرڻو هنيو ويندو، کين ٻڌايو ويندو ته سُپريم ڪورٽ مڌر اِن لا نه، پر مڌر آف لا آهي

مولانا فضل الرحمان چيو ته ڏنڊي جو جواب ڏنڊي، سروٽن جو جواب سروٽن، مُڪي جو جواب مُڪي ۽ چماٽ جو جواب چماٽ سان ڏينداسين، سولائي سان گيهه نه نڪتو ته ڏوڙِي آڱر سان گيهه ڪڍيو ويندو

هن چيو ته چيف جسٽس آڏو واضح ڪريون ٿا ته 3 ٻه جو فيصلو مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون، اسان جي نظر ۾ 4 ٽي جو فيصلو عدالتي فيصلو آهي

هن کي به پڙهندا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ: عمران خان کي گرفتار ڪرڻ نه ڪرڻ جو حڪم

عمران خان جي سمورن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور: ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

عدالت تي دهشتگردي کي تحفظ ڏيڻ جو الزام: پي ڊي ايم پاران سومر تي سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻي جو اعلان