نئون ڪوٽ(رپورٽ: پيارعلي نهڙيو) نئون ڪوٽ قلعي ڀرسان بيدردي سان قتل ٿيل ماستر سومرو ڀيل واقعي کي 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مک جوابدار سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي، 2 جوابدار گرفتار، عدالت ۾ پيش، 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي 2 جوابدار پوليس حوالي، پ پ اڳواڻن جي وارثن سان تعزيت، نئون ڪوٽ قلعي ڀرسان بيدردي سان قتل ٿيل ماستر سومرو ڀيل واقعي کي ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود مک جوابدار وڏيري بابر عرف راجا رند، اڪرم چانڊيو، آصف چانڊيو کي پوليس گرفتار ڪري نه سگهي، ان حوالي سان مقتول جي ڀاءَ دودو ڀيل ۽ پٽ سورج ڀيل ٻڌايو ته سومرو ڀيل کي بيدردي سان قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، قتل واقعي کي ٻه ڏينهن گذري چڪا آهن پر پوليس بااثر وڏيري بابر عرف راجا رند سميت ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، پوليس وڏيري جي اوطاق تان چانهه پي واپس موٽي اچي ٿي، پوليس بااثرن کي گرفتاري کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي ترت جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، نئون ڪوٽ ڀرسان ماستر سومرو ڀيل جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن محمد موسيٰ چانڊيو ۽ ارشد چانڊيو کي وڄوٽو پوليس، سول جج مٺي جي عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کان جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت ٻنهي جوابدارن کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب واقعي ۾ گهربل ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، هوڏانهن مقتول سومرو ڀيل جي وارثن سان پ پ اڳواڻن سينيٽر پونجو مل ڀيل، ڪرشنا ڪماري ۽ ويرجي ڪولھي مقتول جي ڳوٺ ڦوٽو ڀيل پهچي تعزيت ڪئي ۽ انصاف جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سينيٽر پونجو مل ڀيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مقتول سومرو ڀيل جو قتل صرف هڪ انسان جو قتل نه آهي، پر هزارين مسڪين ماڻهن جي ارمانن جو قتل آهي، هن چيو ته قاتل ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي، انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو.