ميرپورخاص: ڪروڙين رپيا بجيٽ رکندڙ شهر جي سول ۽ ڊي ايچ ڪيو اسپتالن اندر عوام کي ڪي به سهولتون نه ملي سگهيون، اسپتالن لاءِ ايندڙ دوائون اڪثر خانگي اسٽورن تي وڪرو ڪيون پيون وڃن، ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻنهي اسپتالن ۾ لڳ ڀڳ 300 بيڊ آهن، پر ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريض اڪثر پريشان نظر اچن ٿا، مريضن کي طبي امداد ڏيڻ بدران حيدرآباد ڏانهن ريفر ڪيو وڃي ٿو، اسپتالن ۾ڊاڪٽرز ۽ عملي جي کوٽ آهي. رابطو ڪرڻ تي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شيرو موتي اسپتال جي بدترين حالت بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان لنوائي ويو ۽ ڪراچي ۾ آهيان جو چئي فون بند ڪري ڇڏي.