اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سول نافرماني جي ڪال واپس نه ورتي آهي، باني سول نافرماني جي ڪال ڏني هئي، پي ٽي آءِ جي پارلياماني ڪاميٽي ۽ عوام اُن جي ڀرپور حمايت ڪندي، پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته مذاڪراتي ڪاميٽي نه ٺهي ها ته تحريڪ شروع ٿي وڃي ها، پارٽي قيادت باني کي درخواست ڪئي ته پهرين ڳالهين جو موقعو ڏنو وڃي، ڳالهين جي ڪري تحريڪ جي تاريخ فائنل نه ٿي سگهي، ڳالهيون نه ٿيون ته شايد باني پاران لائحه عمل جو اعلان ڪيو وڃي.