اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته فوج سمورا ثبوت جمع ڪرڻ کانپوءِ چارج شيٽ ڪندي آهي، پهرين ئي چيو ته باني پي ٽي آءِ جي ملٽري ڪورٽ تي حيرت نه ٿيندي، لڳي ٿو ته شهيدن جي آڙ  ۾ سول نافرماني تحريڪ ملتوي ڪئي ويندي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪجهه ماڻهن عمران جي آڊيوز ۽ ميسيجز جا ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن، پشاور ڌرڻي وقت ڪور ڪمانڊر جنرل فيض هو پوري پي ٽي آءِ ان کي بچائڻ ۾ لڳي وئي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته آئون واحد ماڻهو هيس جيڪو جنرل (ر) فيض حميد جي پڪڙ ۾ نه آيس، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ڳلو بچندو ته هي به بچندا.