پشاور(م ڊ) پي تي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته سول نافرماني تحريڪ ختم ناهي ٿي، اعلان برقرار آهي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي چيو ته حڪومتي ڪميٽي جي سنجيدگي ڏسي سول نافرماني تحريڪ جو فيصلو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي قيادت اڄ اڊيالا جيل ۾ باني سان ملاقات ڪندي، کيس ڳالهين بابت بريفنگ ڏني ويندي جنهن بعد باضابطه اعلان ٿيندو. هن چيو ته سول نافرماني تحريڪ ملتوي ڪرڻ يا جاري رکڻ جو اختيار باني پي ٽي آءِِ وٽ آهي