گذريل اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس جي بلڊنگ ۾ سخت سڪيورٽي جا بندوبست ڪيا ويا هئا. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ صرف لاڳاپيل ملازمن کي ئي اچڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ سينيٽ پاران اڱاري ڏينهن رٿيل ڪميٽين جا اجلاس به ملتوي ڪري ڇڏيا هئا. ايتري تائين جو اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس جي بلڊنگ اندر صحافين جي داخلا تي باضابطه طور تي اعلان ڪري پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. پارليامينٽ هائوس ڏي ايندڙ رستا به بند ڪيا ويا. اهي سڀ غير معمولي قدم پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ڪري کنيا ويا هئا. پابندي سبب صحافين ڊي چوڪ وٽ روڊ تي بيهي پري کان پارليامينٽ ڏي ويندڙن کي ڏسي “فلاڻو پهچي ويو” واريون خبرون ڏيندا رهيا ۽ خاموشي سان ان پابندي کي قبول ڪري شام تائين صحافي روڊ تي بيهي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي ڪوريج ڪندا رهيا. پارلياماني رولز ۽ طريقيڪار تحت ته ڪابه پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو آھي ۽ انهيءَ ڪميٽي جا باقاعده ميمبر مقرر هوندا آھن، جيڪي ميمبر ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيندا آھن. مون قومي اسيبمبلي جي ويب سائيٽ چيڪ ڪئي، اتي ٻين ڪميٽين جي قيام جا تفصيل موجود مليا پر قومي سلامتي ڪميٽي جي قيام ۽ ان جي ميمبرن جا ڪي تفصيل نه ملي سگهيا ته قومي اسيمبلي جي ميڊيا ونگ کان سلامتي ڪميٽي جي قيام جو نوٽيفڪيشن گهريو پر ميڊيا ونگ به اهو فراهم نه ڪيو.
خير اسپيڪر پاران قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ موجود سياسي پارٽين جي سربراهن ۽ پارلياماني ليڊرن کانسواءِ صوبن جي وڏن وزيرن، گورنرن، گهرو، پرڏيهي، بچاءَ بابت وفاقي وزارتن جي سيڪريٽرين کي به شرڪت جي دعوت ڏني. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪ فوج جي سربراه جنرل عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ملٽري آپريشن قومي سلامتي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. منهنجي خيال ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ وڌي ويل دهشتگردي جي واقعن بعد دهشتگردي خلاف قومي يڪجهتي جي اظهار لاءِ طلب ڪيو ويو هيو پر پي ٽي آءِ، پختونخوا ملي عوامي پارٽي، سني اتحاد ڪائونسل جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ سبب گهٽ ۾ گهٽ سياسي يڪجهتي جي مظاهري جو اظهار ته نه ٿي سگهيو پر قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي اهميت کي برقرار رکڻ ۾ اپوزيشن ۾ شامل مولانا فضل الرحمان جي پارٽي جي يو آءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. اگر جي يو آءِ ان اجلاس ۾ شريڪ نه ٿئي ها ته ان اجلاس جي اهميت به گهٽ ٿئي ها ۽ خبرون اهي لڳن ها ته “قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جو مخالف ڌر پاران مڪمل بائيڪاٽ” پر مولانا فضل الرحمان ۽ ان جي پارٽي جي ميمبرن جي شرڪت سبب اجلاس ۾ حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين سان گڏ اپوزيشن جي شرڪت جو به تاثر ملي ويو. ان کان به وڌيڪ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اجلاس ۾ شرڪت به هن اجلاس جي اهميت ۾ اضافو ڪيو. پي ٽي آءِ پاران اجلاس جي بائيڪاٽ جي اعلان باوجود بطور ڪي پي ڪي جي وڏي وزير طور علي امين گنڊاپور جي شرڪت گهٽ ۾ گهٽ هن اجلاس لاءِ اهم ٿي وئي. علي امين ڪجهه مهينا اڳ تائين ڪي پي ڪي صوبي ۾ پي ٽي آءِ جو صدر به هو، جيڪو ان کان عهدو واپس ورتو ويو آھي پر اهو اڃان تائين ڪي پي ڪي صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو يعني سي ايم جي عهدي تي برقرار آھي. اهو ئي سبب آھي پي ٽي آءِ جي اجلاس بابت فيصلي تي بحث ٿي رهيو آھي ۽ پي ٽي آءِ مٿان ٻٽي معيار جي پاليسي اختيار ڪرڻ جي تنقيد به ڪجهه حلقا ڪن پيا پر اها ڏينهن جي روشني وانگر چٽي حقيقت آھي ته سڀ ڪوششن باوجود ڪي پي ڪي ۾ عوام جو ڀاري ۽ واضح مينڊيٽ پي ٽي آءِ وٽ آھي. پي ٽي آءِ جي بطور پارٽي اجلاس ۾ عدم شرڪت دهشتگردي خلاف قومي پاليسي جي تاثر ۾ رڪاوٽ محسوس ڪئي پئي وڃي. نه رڳو ايترو پر اجلاس ۾ بلوچستان مان بي اين پي مينگل جو سربراه اختر مينگل جيتوڻيڪ استعيفا ڏئي چڪو آھي پر ان جي استعيفا منظور ناهي ٿي. ان ڪري اطلاعن موجب کيس شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي پر ان به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. بلوچستان مان جيتوڻيڪ نيشنل پارٽي جا ميمبر موجود هئا ۽ مولانا فضل الرحمان هن ڀيري ڪي پي ڪي مان نه پر بلوچستان مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيل آھي، اهو به شريڪ هو پر اگر سڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ ۽ بلوچستان جي ٻي قومپرست قيادت کي آڻڻ ۾ حڪومتي اتحاد ڪامياب ٿئي ها ته ڪميٽي جي اجلاس جي اهميت ئي ٻي هجي ها. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ هن وقت دهشتگردي جي سنگين صورتحال آھي. انهن صوبن مان سياسي قيادت جي مڪمل طور گڏجي نه ويهڻ بهرحال قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي اهميت گهٽ ڪرڻ وارو عمل ضرور محسوس ٿي رهيو آھي.
جيتوڻيڪ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ان ڪئمرا هو پر انهيءَ اجلاس بابت گهڻي معلومات سامهون اچي چڪي آھي. ايتري تائين جو قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪنهن ڪنهن تقرير ڪئي ۽ ڪنهن، ڪنهن جي تقرير بعد تقرير ڪري ڪهڙيون اهم ڳالهيون ڪيون، ان حوالي سان به تفصيل سامهون آيا آھن، جن طرف مان وڃڻ ان ڪري نٿو گهران جو قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم تقرير پاڪ فوج جي سربراه جنرل عاصم منير ڪئي آھي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد انهيءَ تقرير جا ڪجھ اهم حصا باضابطه طور ميڊيا کي جاري ڪيا ويا.
قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪ فوج جي سربراه آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته، “ملڪ جي سلامتي کان وڏي ڪا به ايجنڊا، ڪا تحريڪ يا ڪا شخصيت ناهي. پائيدار استحڪام لاءِ قومي طاقت جي سمورن عناصرن کي هم آهنگي سان گڏ ڪم ڪرڻو پوندو، هي اسان جي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي بقا جي جنگ آهي، اسان کي بهتر گورننس ۽ پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ بڻائڻ جي ضرورت آهي. اسان ڪيستائين سافٽ اسٽيٽ طرز تي بي پناه جانين جي قرباني ڏيندا رهنداسين. اسان گورننس جي گيپ کي ڪيستائين پاڪ فوج ۽ شهيدن جي رت سان ڀريندا رهنداسين. عالمن کي درخواست آهي ته هو خوارج يعني دهشتگردن پاران اسلام جي مسخ ٿيل تشريح کي بي نقاب ڪن. جيڪڏهن هي ملڪ آهي ته اسان آهيون، تنهن ڪري اسان لاءِ ملڪ جي سلامتي کان وڌيڪ ڪا به شيءِ اهم ناهي”. آرمي چيف چيو ته، “پاڪستان جي تحفظ لاءِ اسان کي هڪ زبان ٿي پنهنجي سياسي ۽ ذاتي مفادن کان بالاتر ٿي هڪ بيانيو اختيار ڪرڻو پوندو. جيڪي سمجهن ٿا ته اهي هنن دهشتگردن ذريعي پاڪستان کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا، اڄ جو ڏينهن انهن کي اهو پيغام ڏئي ٿو ته اسان متحد ٿي نه رڳو انهن کي پر انهن جي سمورن سهولتڪارن کي به ناڪام ڪنداسين. اسان کي الله تعاليٰ تي پورو ڀروسو آهي، ڪجهه به ٿي وڃي انشاء الله اسان ڪامياب ٿينداسين”.
آرمي چيف جي تقرير کي اگر سول حڪومت خلاف چارج شيٽ قرار ڏجي ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته آرمي چيف قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي قيادت اڳيان اهو سوال اٿاريو ته، “اسان ڪيسيتائين گورننس جي گيپ کي پاڪ فوج ۽ شهيدن جي رت سان ڀريندا رهندا سين”. آرمي چيف پنهنجي تقرير ۾ هڪ ٻيو اهم پيغام ڏنو ته، “پاڪستان کي هارڊ اسٽيٽ (سخت گير رياست) بنائڻ جي ضرورت آھي، اسان ڪيستائين سافٽ اسٽيٽ طرز تي بي پناه جانين جي قرباني ڏيندا رهنداسين”. مون وٽ ڪو به اطلاع نه آھي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي ان سوال جو ڪنهن سياسي اڳواڻ ڪو جواب ڏنو هجي پر سياسي ڌرين کي پاڪ فوج جي سربراه جي تقرير جي خاص طور تي انهن ٻنهي نقطن تي ڳالهائڻ گهرجي، ايوان ۾ بحث ڪرائڻ گهرجي، ان سان ڪنهن نتيجي تي به پهچي سگهجي ٿو ته تصوير جو ٻيو رخ به سامهون اچي سگهي ٿو پر مونکي نٿو لڳي ته انهيءَ مامري تي اڪثر پارٽيون لب ڪشائي ڪن يا حڪومت ان تي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪري سگهي پر سوال هي آھي ته پاڪستان کي سخت گير رياست بنائڻ واري ضرورت تي بنا بحث جي ڪيئن پهچي سگهجي ٿو؟ ان ضرورت جو تعين ته گهڻ ڀاسائين غور ويچار ۽ رياست جي موجوده پاليسين جي جائزي بعد ئي ٿي سگهي ٿو. باقي بلوچستان ۾ دهشتگردي جي مسئلي جو پائيدار حل تيستائين مشڪل لڳي ٿو جيستائين بلوچ عوام جا جائز خدشا، شڪايتون ختم ڪري انهن جي جائز مطالبن کي تسليم نٿو ڪيو وڃي. ائين رياست جا اهم مسئلا به حل ٿي سگهن ٿا. اگر سڀ ادارا پنهنجي آئيني دائري ۽ مينڊيٽ اندر ۾ رهي ڪم ڪن، باقي ادارا هڪ ٻئي جي آئيني حدن ۾ مداخلت ڪندا رهندا ۽ طاقت ۽ اقتدار جو محور جمهوري طور تي عوام جي ووٽ کي نه بنايو ويندو، تيستائين مسئلا حل ڪيئن ٿي سگهندا. پاڪستان ڳنڀير مسئلن مان نڪري سگهي ٿو، اگر ان کي آئين تحت هلايو وڃي ۽ عوام جي چونڊيل ماڻهن کي اقتدار ۽ اختيار نمائشي نه پر حقيقي معنيٰ ۾ ڏنا وڃن. اهو ئي رستو آئين ۾ طئه ٿيل آھي. اهو ئي رستو عالمي اخلاقي قدرن موجب آھي. انهيءَ رستي تي هلي ئي دنيا جا ملڪ ترقي جي بلندين تائين پهتا آھن. اسان وٽ هر چونڊ نتيجن کي ڌانڌلي زده قرار ڏنو وڃي ٿو. سياسي ڌرين تي قتدار ۾ اچڻ لاءِ ساز باز ڪري اقتدار وٺڻ جا الزام هنيا ويندا رهيا آھن. نظر نه ايندڙ قوتن کي اقتداري ايوانن تائين پهچائڻ ۾ اهم قرار ڏنو ويندو رهيو آھي.