حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 مارڪيٽ ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻيل دڪاندار کي بازياب ڪرائي اڄ ايس ايڇ او کي رڪارڊ سميت سيشن جج آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. فردوس ڪالوني جي علائقي محمدي ٽائون جي رهواسي اختر علي ملڪ وڪيل ذوالقرنين ٽالپر معرفت سيشن جج جي عدالت ۾ 491 سي آر پي سي تحت درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته وڏي ڀاءُ علي اصغر ملڪ کي صبح جي وقت 11 وڳي ٽنڊو ولي ۾ قائم دڪان تان مارڪيٽ ٿاڻي جا اهلڪار کنڀي کڻي ويا ۽ کيس اهو چئي ناحق باندي بڻايو ويو ته سندن ننڍي ڀاءُ خلاف اقرار نالي شخص دانهيو آهي ته کيس اظهر ملڪ پاران ساڍا 7 لک رپين جو بوگس چيڪ ڏنو ويو هو. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته بنا ڪيس داخل ڪرڻ جي پوليس بنا جواز چپسن جو ڪاروبار ڪندڙ دڪاندار کي صبح کان باندي بڻائي ڇڏيو آهي. سيشن جج درخواست بعد سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 کي مارڪيٽ ٿاڻي تي ڇاپي هڻڻ جو حڪم ڏنو جنهن ٿاڻي تي ڇاپو هڻي دڪاندار کي بازياب ڪرائي کيس هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض آزاد ڪيو ۽ ايس ايڇ او مارڪيٽ کي پابند بڻايو ته هو اڄ رڪارڊ سميت سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو جواب داخل ڪرائي.