حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول ايويئيشن اٿارٽي پاران هڪ ٻيو جهاز حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. اهو جهاز سول ايويئيشن اٿارٽي جي تربيتي اداري ۾ بيهاريو ويو جتي ان جهاز ذريعي ٽريننگ حاصل ڪندڙ ماڻهن کي تربيت ڏني ويندي. 2 هفتا اڳ به هڪ جهاز 737 کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو. سول ايويئيشن اٿارٽي پاران جيڪو ٻيو جهاز حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي اهو 60 ٽن وزني ۽ 160 فٽ ڊگهو جهاز آهي جنهن اي ايم سي ايم ڊي 83 نمبر سان 1986ع ۾ پهريون ڀيرو اڏام ورتي هئي. اهو جهاز 2011ع ۾ ناڪاره بڻيو جنهن کي ورڪشاپ ڀيڙو ڪيو ويو هو. لڳ ڀڳ ساڍا 15 سال اڏامندڙ جهاز کي نجي ڪارگو ڪمپني جي 138 وهيلر ٽرالر ذريعي گهاري کان ٺٽي ۽ ٺٽي کان ملاڪاتيار واري رستي ذريعي سول ايويئيشن جي اٿارٽي جي تربيتي اداري ۾ منتقل ڪيو ويو. سول ايويئيشن جي اٿارٽي ۽ ڪارگو عملدارن جو چوڻ هو ته اهو جهاز 12 ڪلاڪن جي مسافري سان حيدرآباد پهتو آهي.