نوشهروفيروز(رپورٽر) سول اسپتال نوشهروفيروز جي ايم ايس مريض کي مدي خارج گوريون ڏئي ڇڏيون، ان سلسلي ۾ شھر واسي مريض رياض حسين سولنگي پيٽ ۾ تڪليف سبب سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ ڊاڪٽر کي طبيعت ڏيکاري، جنھن تي ڊاڪٽر مريض لاءِ ڪجھه گوريون تجويز ڪيون، مريض موجب مان غريب آھيان ۽ گوريون خريد ڪرڻ جي سگھه نه ٿو رکان، جنھن ڪري سول اسپتال جي ايم ڊاڪٽر مبين راجپوت وٽ ويس ۽ کيس ٻڌايو ته ڄاڻايل دوائون اسپتال جي سرڪاري اسٽور ۾ موجود ناھن، جنھن ڪري مون کي دوائون فراھم ڪيون وڃن، جنھن تي ايم ايس ڊاڪٽر جون تجويز ڪيل دوائن ڏيڻ بدران ان جي متبادل پنھنجي ٽيبل تي پيل انٽيگ ۽ ڪبلن گوريون ڏنيون، جيڪي کڻي مان اسپتال کان ٻاھر آيس ۽ چيڪ ڪرايم ته ايم ايس پاران ڏنل انٽيگ ڊي مدي خارج ھئي جنھن جو مدو جنوري مھيني ۾ ختم ٿيل ھو، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.