خيرپور/پيرجوڳوٺ (نمائندن وٽان) پيرڳوٺ ۾پير پاڳاري جي ڪوشش سان درگاهه شريف تي جاگيراڻي-سولنگي تڪرار جو نبيرو، ڌرين مٿان 6 خونن جو مجموعي طور 2 ڪروڙ 18 لک رپيا ڏنڊ، خبر موجب ماڇيون وڏا ۽ ڪوٽ پل واري علائقي ۾ اڍائي مهينن کان هلندڙ جاگيراڻي سولنگي ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار جو نبيرو درگاهه پيرڳوٺ ۾ عابد سندراڻي جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ جاگيراڻي ڌر ڏانهن ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي مشير طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته سولنگي برادري جا مشير محمد خان جوڻيجو، اظهر ڪماريو هئا، ٻنهي ڌرين جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ سرپئنچن ۽ مشيرن صلاح مشوري بعد فتويٰ تيار ڪري ڌرين کي ٻڌائي، جنهن ۾ جاگيراڻي ڌر تي 99 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته سولنگي ڌر تي هڪ ڪروڙ 19 لک روپيا ڏنڊ پيو، مجموعي طور ڌرين مٿان 2 ڪڙور 18 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، فتويٰ ۾ ڄاڻايو ويو ته اڳرائي ڪندڙ ڌر کي 50 لک روپيا ڏنڊ ڀرڻو پوندو، ڏنڊ جي رقم ڌريون ٽن مهينن دوران ٽن قسطن ۾ ادا ڪنديون، 6 خونن جو نبيرو ٿيو، في خون جو معاوضو 20 لک رپيا مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ عورت جو معاوضو 40 لک رکيو ويو.