ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سولر پينلن ۽ بيٽرين  جي کپت ۾ لاٿ: اگهه ڪري پيا، ان ڏس ۾ ملڪ ۾ سولر پينلن ۽ بيٽرين  جي وڪري ۾ لاٿ اچي وئي آهي، هن وقت ساڍا 4 لکن واري ليٿيم سولر بيٽري 3 لک 80 هزارن تي پهچي وئي، جڏهن ته 3 کان 4 لکن ۾ وڪرو ٿيندڙ عام بيٽريون  2 کان اڍائي لکن ۾ وڪرو ٿي رهيون هيون،  چيو وڃي ٿو ته ليٿيم بيٽرين جون مختلف ڪمپنيون مارڪيٽ ۾ آيل آهن، جيڪي گهٽ اگهه تي بيٽريون آڇي رهيون آهن.