اسلام آباد: وفاقي حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.  ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب بجيٽ پيش ڪندي چيو ته سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هن چيو ته درآمد ٿيل ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل سولر پينل وچ ۾ مسابقت ۾ برابري يقيني بڻائڻ لاءِ تجويز آهي ته سولر پينل جي درآمد تي 18 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اهو قدم پاڪستان ۾ سولر پينل جي مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.