اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽين سولر پينلز جي درآمد تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري حڪومتي تجويز کي رد ڪندي سولر پينلز جي درآمد تي سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي ڪاميٽي ۽ نويد قمر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽي جا ڌار ڌار اجلاس ٿيا. اجلاسن ۾ سولر پينلز جي درآمد تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، سينيٽ جي ڪاميٽي پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ جهازن جي درآمد تي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز به منظور ڪري ورتي. ننڍين گاڏين تي سيلز ٽيڪس 12.5 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ واري تجويز به منظور ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي ڪاميٽي اجلاس ۾ ايف بي آر چيئرمين آگاهي ڏني ته بجيٽ ۾ درآمدي سولر پينلز تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽيڊنگ ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ امپوٽيڊ اسڪريپ،ٽامو ۽ چاندي ڪڍي ايڪسپورٽ ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. ايف بي آر عملدارن مطابق ايندڙ مالي سال کان لوهه جو اسڪريپ درآمد ڪندڙ مينيوفيڪچرز کي وڪرو ڪرڻ تي پابندي هوندي. اسڪريپ مان ڪاپر برآمد ٿي ويندو هو، جڏهن ته ڪمرشل سپلائرز اسڪريپ خريد ڪندا هئا، ڪاميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو ته پي آءِ اي کي نئين جهازن جي خريداري تي سيلز ٽيڪس مان ڇوٽ ڏني وئي آهي،اهو سڀني ايئر لائنز تي لاڳو ٿيڻ گهرجي، چيئرمين ايف بي آر چيو ته اسان اٽارني جنرل سان صلاح مشورو ڪري ٻيهر ڪاميٽي آڏو تجويز پيش ڪنداسين، ڪاميٽي 850 سي سي ۽ ٻين ننڍين گاڏين تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. چيئرمين ايف بي آر چيو ته اهو آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ شامل آهي، جن شين تي 5 سيڪڙو کان گهٽ ٽيڪس آهي، ان کي 10 سيڪڙو ڪيو ويندو. جن شين تي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس آهي، ان کي 18 سيڪڙو ڪيو ويندو. سليم مانڊوي والا چيو ته جي ايس ٽي جي شرح 12 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. ڪاميٽي ميمبر انوشه رحمان چيو ته 30 لک رپين جي گاڏي تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ناانصافي آهي. ڪاميٽي ميمبر شبلي فراز چيو ته ننڍين گاڏين تي 12 سيڪڙو مان ٽيڪس وڌائي 14 يا 15 سيڪڙو ڪيو وڃي.، سينيٽر منظور ڪاڪڙ چيو ته سولر تي ٽيڪس لڳائڻ زيادتي آهي، ڇو ته اڳ ۾ ئي بجلي نه پئي ملي. ڪامران مرتضي چيو ته پيٽروليم شين تي ڪاربن ليوي لڳائڻ آئين جي خلاف آهي، موسمياتي تبديليون صوبائي معاملو آهي، وفاق ڪاربن ليوي لاڳو نٿو ڪري سگهي. سليم مانڊوي والا چيو ته سينيٽرن جون سڀئي تجويزون سفارشن ۾ شامل ڪيون وينديون. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ايڇ اي سي جي بجيٽ وڌائي وڃي، ناڻي وزير چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٽيڪس فراڊ تي گرفتاري بابت غور سان جائزو ورتو ويو. هاڻي قانون ۾ چار اهم تبديليون ڪيون ويون آهن، هاڻي گرفتاري جو اختيار ڪمشنر بدران ڪاميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي، ٽيڪس فراڊ جي معاملي تي غور لاءِ ايف بي آر جي گريڊ 21 وارن ٽن آفيسرن تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ٽيڪس فراڊ ۾ گرفتاري لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 5 ڪروڙ رپين جي رقم هجڻ ضروري آهي. گرفتاري کان اڳ جوابدار کي ٽي ڀيرا جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ نوٽيس ڏنو ويندو.