سوشل ميڊيا ۽ ‘پنھنجي اخبار’

0
45
سوشل ميڊيا ۽ ‘پنھنجي اخبار’

 اڄ جي سوشل ميڊيائي (سماجي رابطن) واري دور ۾ خبر وٺڻ ۽ ڏيڻ جي اھميت تمام گھڻي وڌي وئي آھي، ڪن ماڻھن جو خيال ھو تہ اخبار پنھنجي اھميت وڃائي ويھندي پر اخبار جي اھميت ويتر وڌي وئي آھي، اخبار پنھنجو فارم تہ تبديل ضرور ڪيو آھي، جيڪو ڪاغذ تي ڇپائي ٿيڻ کان ڊجيٽل واري دور اندر داخل ٿي چُڪي آھي. توڙي جو اخبار جو پرنٽ فارم جي پڙھڻ جو مزوئي پنھنجو آھي پر تنھن ھوندي بہ جھڙو ديس تھڙو ويس جيان خبر توڙي اخبار ھاڻي ڪاغذ جي ڪوڙڪي کان ڪڏھن جو آزاد ٿي چُڪي آھي. پنج سال اڳ سنڌ اندر جنھن اخبار ڊجيٽل دنيا ۾ سگھارو قدم رکيو، اھا اسان سڀني جي ‘پنھنجي اخبار’ آھي، جنھن اڄ پنھنجي سفر جا پنج سال ڪاميابي سان پورا ڪري پنھنجي منزل ڏانھن گامزن آھي. پنھنجي اخبار شروع کان وٺي عام طور تي اخبارن واري اميج فارميٽ کان اڳتي وڌي ڪري يونيڪوڊ ۽ ٽيڪسٽ جي صورت ۾ وقت تي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ٿيندي پئي اچي، جنھن کي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ رھندڙ سنڌ سان محبت ڪندڙ دوست ۽ خاندان صبح جو ناشتي سان گڏ موبائيل، ٽيبليٽ يا ليپ ٽاپ جي اسڪرين تي ضرور پڙھن ٿا. پنھنجي اخبار ڪوشش ڪري سوشل ميڊيا کي پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ھلي آھي، جنھن ۾ سوشل ميڊيا تي ھلندڙ صوبي اندر ٽاپ ٽرينڊ کي ھڪ مستقل سلسلي اندر شامل ڪري عوام جا سوشل ميڊيا تي ٿيل مختلف موضوعن تي ٿيندڙ تبصرا، واقعن بابت راءِ عامہ توڙي صلاحن کي شامل ڪري اخبار ۾ شايع ڪيو پيو وڃي.

عام طور اندر ۽ ٻاھر جي دنيا ھجي ٿي پر ڪو دور ھو جو دل جي دنيا جو عروج ھو، ھاڻي دل جي دنيا جو دور گھڻو وقت پورو ٿيو ۽ فيسبوڪ جي دنيا جو دور ھلي پيو آھي، جنھن کي منھنجو دوست موڳو مٽر پاڻمرادو سمجھڻ لاءِ “فيس بُک” جي دنيا چوندو آھي، اھڙي دنيا جيڪا بُک ۾ بصر تہ ڇا پر لڪڙ ۽ پٿر ھضم ڪرڻ جي بخوبي قابليت ۽ صلاحيت رکي ٿي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بدولت اڏيل ھن سوشل ميڊيا جي دور ۾ دنيا اندر سماجي رابطن لاءِ ڪتب ايندڙ مختلف پليٽ فارمن مان فيسبوڪ اڃان تائين روزاني جي بنياد تي 2 ارب يوزر سان پھرين نمبر تي آھي، جڏھن تہ مجموعي طور تي دنيا جي 5 ارب کان وڌيڪ آبادي مختلف سوشل ميڊيا جا پليٽ فارم جنھن ۾ ٽوئيٽر (ايڪس)، ٽڪ ٽاڪ، واٽس اپ، اسٽاگرام، يوٽيوب، پنٽريسٽ، سنيپ چيٽ، وي چيٽ، ريڊيٽ، لنڪڊ اِن، ٿريڊس وغيرھ شامل آھن. انھن پليٽ فارمن تي ھڪ ٻئي سان رابطو ڪرڻ سان گڏو گڏ انٽرنيٽ تي موجود مواد جھڙوڪ متن (ٽيڪسٽ)، تصوير، وڊيوز، شيئر ڪيو ويندو آھي، جنھن جو مقصد انٽرنيٽ تي موجود ڄاڻ تائين رسائي لاءِ ٻين کي موقعو فراھم ڪرڻو ھوندو تہ جئين ھر انسان پنھنجي ڄاڻ جي بنياد تي ڪو بھتر فيصلو ڪري سگھي. سوشل ميڊيا جي اچڻ سان خابرو (خبر پھچائڻ) وارن ادارن توڙي فردن ۾ تمام گھڻو واڌارو ٿيو آھي. ان سلسلي ۾ اسان سڀ بنا ڪنھن جنس، عمر ۽ نسل جي فرق جي سوشل ميڊيا جي دنيا اندر ڪاھي پيا آھيون جنھن ۾ وڏو ننڍو، مرد عورت، ديسي پرديسي، ايستائين جو امير ۽ غريب پڻ رابطي ڪاري جي مقصد خاطر ڳنڍجي ويا آھن.

آئون جڏھن 2014 ۾ آمريڪي حڪومت پاران نامزد ڪيل آئي وي ايل پيIVLP  فيلوشپ پروگرام جي پھرين ھفتي ۾ واشنگٽن ڊي سي ۾ ھڪ تريبيتي نشست ۾ ٽرينر (استاد) ٻڌائي رھيو ھو تہ دنيا ۾ ڪجھ ئي سالن اندر ھر شھري خابرو بڻيل ھوندو، جنھن صحافت کي ھُو سٽيزن جنرلزم Citizen Journalism  جي نالي سان سڏي پيو.  ھن ٻڌايو تہ سمارٽ موبائيل ذريعي ھر شھري سوشل ميڊيا جو ڪو بہ پليٽ فارم استعمال ڪري ڪنھن واقعي يا حاصل ڪيل ڄاڻ کي اڳتي ونڊ ڪندو جيڪا ونڊ اڳتي وري ضرب ٿي ڪري ھزارن توڙي لکن ماڻھن ۾ ورھائجي ويندي. ھاڻي اسين پاڻ ڏسو ٿا تہ ھر شھري جنھن وٽ سمارٽ فون آھي اُھو صحافي نہ تہ بہ خابرو ضرور بڻيل آھي، جيڪو ڪانہ ڪا وڊيو وائرل ڪري ماڻھن کي ھن سماج جو آئينو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. اسانجو ملڪ توڙي جي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ دنيا جي پھرين ڏھن ملڪن ۾ اڃا تائين شامل ناھي ٿيو پر پوءِ بہ سوشل ميڊيا جو تيز ۽ تڪڙو استعمال ڪرڻ ڪو اسان کان سکي، جي ائين نہ ھجي ھا تہ ڄام معشوق شر جي ڪنھن کي خبر پوي ھا تہ سنڌ اندر موسيقي جي لھندڙ سج جو ھي بہ ڪو اڀرندڙ ستارو آھي. جنھن کي ڪير گھٽي مان گذرندي نھاريندو ڪونہ ھو، اڄ ھن کي پوري سنڌ ٿي سڃاڻي. اسانجي سماج اندر توڙي جو غريب ۽ امير جي وچ وارو فرق تمام گھڻو تيزي سان وڌندو رھي ٿو پر ساڳي سماج اندر بدنامي ۽ شھرت جي وچ وارو فرق پھرين جي بنسبت وڌيڪ تيزي سان ختم ٿيندو وڃي ٿو.

پنھنجي اخبار گذريل پنجن سالن اندر عوام جي نہ صرف مسئلن جي نشاندھي ڪئي آھي پر سنڌ سرڪار ۽ عوام جي وچ ۾ پُل جي ڪردار ادا ڪيو آھي، جيڪا ڪنھن بہ ميڊيائي اداري جي پھرين ذميواري ھوندي آھي تہ عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪنھن بہ ڪميونيڪيشن گيپ جي ڪابہ گنجائش نہ ھجڻ گھرجي، عوام جي دانھن يڪدم ايوانن تائين پھچڻ گھرجي ۽ سرڪار جي ڪيل عوامي ڀلائي وارن منصوبن توڙي فيصلن جي اطلاع عوام تائين فورن پھچڻ گھرجي، جنھن ۾ ملڪ توڙي سنڌ جي ميڊيائي ادارن پنھنجي پاران ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي، جنھن ۾ پنجن سالن جي پنھنجي اخبار توڙي ٽائيم نيوز جنھن جي پڻ اڄ چوٿين سالگرھ آھي، پنھنجو گھربل ڪردار ادا ڪيو آھي. اسان پنھنجي اخبار توڙي ٽائيم نيوز جي سٿ کي پنھنجي “من” سان دعا ٿا ڪريون تہ سنڌي عوام جو ھمسفر بڻجي سنڌ جي ھميشہ خدمت ڪندا رھندا.