اسلام آباد (بيورو رپورٽ) انٽرنيٽ جي بندش تي آءِ ٽي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي گهرو ۽ قانون واري وزارتن جي اختيارين کي طلب ڪري ورتو، اجلاس ۾ پي ٽي اي چيئرمين ۽ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ پڇاڻو ڪيو ته قانون ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ڪنهن مخصوص علائقي ۾ انٽرنيٽ بند ڪيو، جيڪڏهن لکيل ناهي ته پوءِ انٽرنيٽ ڪيئن بند ڪري ڇڏيو ٿا؟ پي ٽي اي چيئرمين چيو ته رولز ۾ لکيل آهي ته گهرو وزارت پي ٽي اي کي هدايت ڏئي سگهي ٿي، سوشل ميڊيا مواد خلاف روزانو 500 شڪايتون ملن ٿيون، سوشل ميڊيا تي 80 سيڪڙو مواد بلاڪ ڪيو ويو آهي، پي ٽي اي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي شڪايتي مواد بلاڪ ڪرڻ جي درخواست ڪندي آهي، پي ٽي اي چيئرمين حفيظ رحمان چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا اپليڪيشنز بند ڪيون وينديون آهن، اڄ پهريون ڀيرو خبر پئي ته انٽرنيٽ جي بندش غلط هوندي آهي، پي ٽي اي کي روزانو سوشل ميڊيا مواد جون 5 سئو شڪايتون ملنديون آهن، پي ٽي اي طرفان سوشل ميديا پليٽ فارمز کي مواد بلاڪ ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي آهي. پي ٽي اي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن اهو غلط آهي ته گذريل 9 سالن دوران اسان کان انٽرنيٽ ڇو بند ڪرائي وئي. حڪومت ۽ عدالتي حڪم تي سوشل ميڊيا اپليڪشنس بلاڪ ڪيون وينديون آهن. پاڪستان ۾ 7 سب ميرين ڪيبل اچي رهيون آهن، سب ميرين ڪيبل 2 آفريڪا کان اچي رهي آهي، شارڪس سب ميرين ڪيبلز کي نٿيون کائي سگهن، انٽرنيٽ اسپيڊ جي لحاظ کان اسان 97 هين نمبر تي آهيون، سينيٽر منظور ڪاڪڙ چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هر روز ڪو نه ڪو مسئلو آهي، موبائيل فون تي ٽيڪسٽ جو ميسيج ايندو آهي. چيئرمين پي ٽي اي چيو ته هتي اچڻ کان اڳ مون کي لڳندو هيو ته پي ٽي اي موبائيل فون تي ٽيڪس وٺندو آهي. چيئرمين پي ٽي اي جي حيثيت سان مون پنهنجي گهرواري جو موبائل فون ٽيڪس جمع ڪرايو آهي، هي ٽيڪس پي ٽي اي نه پر پر ايف بي آر گڏ ڪري ٿي. سينيٽر منظور ڪاڪڙ چيو ته اسان ٽاورز لاءِ درخواستون ڏئي ٿڪجي پيا آهيون، بلوچستان ۾ فائبر ڪنيڪشن جو به مسئلو آهي، سينيٽر نديم ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ جتي ٽاور آهن اتي انٽرنيٽ به سست آهي، لاڙڪاڻي ۾ به انٽرنيٽ سروس سست آهي.